Sindhi Diacritizer

سنڌي لاڪناڻو

سنڌي لکت، لاڪنائن، سکيا ۽ ٻوليائي تحقيق جو ذھين مشيني سرشتو

سنڌي لاڪناڻي بابت مختصر تعارف

سنڌي لاڪناڻو سنڌي لکت ۾ لاڪنائون پاڻمرادو سڃاڻڻ، لڳائڻ ۽ درست ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل مصنوعي ذھانت تي آڌاريل هڪ ذھين مشيني سرشتو آهي. هي رڳو اڳواٽ محفوظ ڪيل لفظن تي ئي نہ ٿو ڀاڙي، پر مختلف لغتن، گرداني فارمولن، گرامري اصولن، اڳواٽ ڏينل تربيت ۽ سموري سنڌ مان واھپيدارن پاران ملندڙ درستگين مان پڻ سکندو رهي ٿو.

ھي مشيني سرشتو سنڌي لکت ۾ استعمال ٿيل لفظن جي صحيح صورت ياد بہ رکي ٿو ۽ ساڳئي وقت ان مان نڪرندڙ صرفي يا گرداني اصول کي نون لفظن تي لاڳو ڪرڻ جي صلاحيت پڻ رکي ٿو. اسان گهڻي تحقيق کانپوءِ ان نتيجي تي پھتاسين تہ ان صورت ۾ ئي هڪ درست ڪيل لفظ جيڪو ڪڏهن ڪڏهن رڳو هڪ لفظ جي درستگيءَ تي نہ ٿو رھي، پر ان مان ساڳي بڻاوت وارن ڪيترن نون لفظن جي لاڪنائن بابت بہ ڄاڻ حاصل ٿي سگهي ٿي.

سنڌي ٻوليءَ لاءِ هن سرشتي جي ضرورت

سنڌي لکت ۾ ڪيترن هنڌن تي لاڪنائون نہ لکڻ سبب هڪ ئي لکيل صورت جون مختلف پڙهڻيون ٿي سگهن ٿيون. پاڻ انسان گهڻو ڪري جملي جي مطلب مان صحيح پڙهڻي سمجهي وڃي ٿو، پر ڪمپيوٽر، مصنوعي ذھانت ۽ آواز تي ڪم ڪندڙ سرشتن لاءِ اهو فرق پاڻمرادو سمجهڻ تمام گهڻو ڏکيو هوندو آهي، انڪري ئي سنڌي ٻوليءَ کي آواز جي ٽيڪنالاجيءَ ۾ آڻڻ لاءِ انيڪ ڏکيائون پيش اچي رھيون آھن، جڏھن تہ ان آواز جي ٽيڪنالاجيءَ جو مڪمل فريم ورڪ تيار ٿيل آھي جيڪو مصنوعي ذھانت جا انيڪ ماڊل استعمال بہ ڪري رھيا آھن، پر اھي سنڌي نرالن آوازن جھڙو آخري آواز جي متحرڪ صورت کي درست نموني سان ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندا آھن.

اھو ئي سبب آھي ۽ اھو مقصد کڻي انڊسين ٽيڪنالاجيز، سنڌيءَ لاءِ درست لاڪنائن واري، گرامري ۽ مشيني طور پڙهڻ لائق ڊيٽا مستقبل جي ٻوليائي ٽيڪنالاجيءَ جو بنيادي حصو بڻائڻ لاءِ ھي سرشتو تيار ڪيو آھي، جيڪو تمام گهڻي محنت، سنڌي ڪارپس کي ھٿيڪو ڪري سنڌي ٻوليءَ کي جديد دنيا ۾ ڀلي نموني سان اڳڀرو ڪرڻ لاءِ ھي سرشتو يعني سنڌي لاڪناڻو بين الاقوامي سطح ۽ جديد پروگرامنگ تي تيار ڪرڻ، هڪ پھرين وڏي ڪوشش آهي.

سنڌي لاڪناڻي جي مصنوعي ذھانت جي دور ۾ اهميت

ھتي اھا ڳالهہ اسان سڀني کي سمجهڻ گهرجي تہ مصنوعي ذھانت جو ايندڙ دور رڳو لکيل متن تائين محدود نہ رهندو، پر ڳالهائڻ، ٻڌڻ، پڙهڻ، ترجمو ڪرڻ ۽ ٻوليءَ کي سمجهڻ تي بيٺل هوندو. اھو سرشتو بعد ۾ خود تخليقي ڪم پڻ ڪندو. اھو ئي سبب آھي جو اسان سمجهيو تہ جتي دنيا جي سوين ٻوليون پنھنجا وسيع ڪارپس ۽ ڊيٽا ماڊل ٺاھي رھيون آھن تہ اتي سنڌي ٻوليءَ لاءِ بہ اهڙن سرشتن کي صحيح تلفظ، لفظن جي بناوت، گرامر ۽ مختلف پڙهڻين جي خبر هجڻ ضروري آهي، ۽ ان قسم جو ھڪ گهڻ پاسائون ماڊل ھجڻ گهرجي. ھتي اھا ڳالهہ بہ اھم آھي تہ عربي ٻوليءَ ۾ ھن ئي قسم جو ڪم ھڪ ڏھاڪو اڳ مڪمل ٿي چڪو ھئو جيڪو دنيا جي اڄ وڏن سرشتن جي ڪتب اچي رھيو آھي ۽ عربي ٻولي ان قطار ۾ شامل آھي جنھن کي جديد ڌارائن ۾ نہ لھر آھي نہ ئي ڪو لوڏو!

سنڌي لاڪناڻو مستقبل ۾ خاص طور سنڌي آوازن جي سڃاڻپ، آوازن جو درست پڙهڻ، درست تلفظ، خودڪار لکڻيون، ٻوليءَ تي سائنسي تحقيقن، تعليمي اوزارن ۽ سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪندڙ مصنوعي ذھانت جي ماڊلن لاءِ بنيادي لساني ڊيٽا مھيا ڪري سگهي ٿو.

مختلف ضلعن، پرڳڻن ۽ لھجن وارن واھپيدارن لاءِ

سنڌيءَ جون پڙهڻيون، آواز ۽ ڪي لفظ ھڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين مختلف ٿي سگهن ٿا. ان ڪري سنڌي لاڪناڻو سڀني واھپيدارن کان سندس اصلوڪو ضلعو پڇي ٿو. هي ڄاڻ رڳو لھجن ۽ لاڪنائن جي تحقيق ۽ تربيت لاءِ استعمال ٿيندي.

واھپيدار پھريون ڀيرو پنھنجو ضلعو چونڊيندا. ھي سرشتو ساڳئي برائوزر تي اها چونڊ محفوظ رکندو جنھن ڪري اوھان کي ٻيھر ضلعي چونڊڻ جي ضرورت نہ پوندي، جيستائين اوھان پاڻ ان کي تبديل نہ ڪندا.

جيڪڏهن ڪنھن لفظ جون لاڪنائون واھپيدار جي پڙهڻي مطابق درست نہ هجن، تہ هو ان لفظ تي ڪلڪ ڪري، موجود درست صورت چونڊي يا صحيح صورت داخل ڪري سگهي ٿو. ھن سرشتي جي ھڪ حد اسان مقرر ڪئي آھي تہ ھن ۾ عام واھپيدارن جون درستگيون سڌيءَ طرح حتمي اصول نہ بڻجنديون؛ پر ھي سرشتو مختلف واھپيدارن جي هڪجھڙين درستگين، علائقي ۽ ٻين لساني ثبوتن کي گڏ ڏسي انهن جي پختگيءَ جو خودڪار نموني سان اندازو لڳائيندو، ۽ بعد ۾ رائج ڪندو.

اهڙي طريقي سان مختلف ضلعن ۽ لھجن مان گڏ ٿيندڙ مواد مستقبل ۾ سنڌيءَ جي ٻوليائي ۽ آوازي فرقن جي وڌيڪ سائنسي مطالعي لاءِ پڻ ڪارائتو ٿي سگهي ٿو.

انڊسين ٽيڪنالاجيز ۽ سنڌي لئنگئيج ڊاٽ آرگ

انڊسين ٽيڪنالاجيز جديد ٽيڪنالاجيءَ وسيلي سنڌي ۽ سنڌو ماٿريءَ جي ٻولين، علمي ورثي ۽ ثقافتي مواد کي نئين دور جي ضرورتن سان ڳنڍڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.

سنڌي لئنگئيج ڊاٽ آرگ، انڊسين ٽيڪنالاجيز جو سنڌي ٻوليءَ لاءِ تحقيق، لساني ڊيٽا، ڪمپيوٽري اوزارن ۽ مصنوعي ذھانت سان لاڳاپيل تجربن جو علمي ۽ ٽيڪنالاجي پليٽ فارم آهي.

سنڌي لاڪناڻو پڻ انهيءَ وسيع مقصد جو حصو آهي، جنھن تحت سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهڙو مشيني بنياد تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪو مستقبل جي لکڻي، آواز ۽ مصنوعي ذھانت وارن سرشتن ۾ استعمال ٿي سگهي.

فونٽ لاءِ مھرباني: اسان جناب ثناءُ الله صارم صاحب جن جا ٿورا ڳايون ٿا جنھن جو جاري ڪيل ”ايم بي صارم اقراء فونٽ جيڪو ھر لحاظ کان سنڌي يونيڪوڊ ۾ ”ھ، ه، ہ وغيرہ“ جي ھڙني شڪلين کي واضع طور ڏيکاري رھيو آھي، ان کي پنھنجي بلاڪن ۾ ڪتن آڻي رھيا آھيون.

امر فياض ٻرڙو
چيف ايگزيڪيٽوِ آفيسر
انڊسين تيڪنالاجيز